Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Sadhu Vaswani

ساڌوُ واسواڻيِ

سِنڌُ سَنتَنِ ۽ دَرِويشَنِ جيِ ڀوُميِ آهي. سِنڌُ ۾ اَهِڙا گهڻائيِ سَنتَ ۽ مَهاتِمائون پيدا ٿِيا آهن جِن جو ديشَ ــ وِديشَ ۾ نالو آهي. ساڌوُ واسواڻيِ پِڻُ اَهِڙَن مَهان سَنتَن مان هو.

ساڌوُ واسواڻيِءَ جو سَڄو نالو ٿانوَرُداسُ ليِلارامُ واسواڻي هو.

ساڌوُ واسوڻيِ وَڏو تعليِم دان، مَهان گِيانيِ، سَماجُ سُڌارَڪَ ۽ سِنڌيِ ڀاشا جو پِريميِ هو. سِنڌيِ ڀاشا لاءِ چَيَلَ سَندَسِ اَنمولُ وَچَنَ هَرهِڪَ سِنڌيِءَ کي يادِ رَکَڻُ کَپَن. ساڌوُ واسواڻيِ چَوي ٿو ته:

”هَرڪو سِنڌيَ ڀَليِ هِنديِ ٻوليِ سِکي، پَرَ پَنهِنجيِ سِنڌيِ ٻوليِءَ کي نه وِساري. سِنڌيِ شاعرَن ۽ دَرويشَنِ جيِ ٻوليِ آهي. سِنڌيِ؛ شاهَ، سَچَلَ ۽ ساميِءَ جيِ ٻوليِ آهي.

سِنڌيِ ٻوليِ سِنڌينُ جو جيِوَن آڌارُ آهي. سِنڌيِ ٻوليِءَ کي وِسارَڻَ جو مَطلبُ آهي پَنهِنجيِ پاڙَ پَٽَڻُ“.

دادا جَشَنُ واسواڻيِ، ساڌوُ واسواڻيِءَ جو روُحانيِ وارِثُ آهي. دادا جَشَنُ به سِنڌيِ ٻوليِءَ جو پِريميِ آهي ۽ هَرهَنڌِ سِنڌينُ کي اِها صَلاحَ ڏيِندو ٿو رَهي ته : ”پَنهِنجيِ سِنڌيِ ٻوليِ نه وِسارِيو، نه وِسارِيو“.

Learn Sadhu Vaswani of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server