Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Jhulelal

جهوُليلال يا اُڏيرولال

جُهوليلال يا اُڏيرولال سِنڌيُن جو اِشٽ ديوتا آهي. جهوُليلال کي اَمرلال، زِندَه پيِرُ وَغيره نالَن سان بِه سَڏيِندا آهِنِ.

اِئين مَڃيو وَڃي ٿو تَه ڏهيِن صَديِءَ ڌاري سِنڌُ ۾ ”مِرکه شاه“ نالي مُسلمان بادِشاه جي حُڪوُمَتَ هئي.هِنَ جي گاديِءَ جو هَنڌُ ٺَـٽو ھو. مِرکه شاه هِندُنِ جي مَٿان ڏاڍا اَتياچارَ ڪَيا. مِرکه شاه جي ظُلمَنِ کان تَنگِ ٿي هِندُنِ سِنڌوُ نَديِءَ جي ڪِناري تي دَرِياشاه جيِ پوُڄا ڪَئي ۽ مَدَدَ لاءِ پُڪاريو.

اُنهَن جي پُڪارَ تي، وَرُڻُ ديوتا، حيدرآباد ضلع جي هالا تعلقي جي نَصَرپور ڳوٺَ ۾ رَتَنَ لُهاڻي جي گھرِ، وِڪرَم سَنبَت 1008 (950ع) ۾ چيٽي چَنڊَ تي جَنَمُ وَرتو. اُن وَرُڻَ ديوتا کي ئي جهوُليلال سَڏجي ٿو.

جهوُليلال يا اُڏيري لال ڪيتريوُن ئي ڪَرامتوُن ڪَيون ۽ مِرکه شاه کي سيکَت ڏِني. جَنهِن سَبَب مِرکه شاه اُڏيري لال کان معافي وَرتي ۽ اُن کان پوءِ هِندُنِ جي مَٿان سَندسِ ظُلمَ بَند ٿِيا.

اُڏيري لال کي جَلَ ۽ جوتِ جو روُپُ ڪَري مَڃيو ويندو آهي.

Learn Jhulelal of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server