Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Chetichand

چيِٽي چنڊُ

اِئين مَڃيو ويندو آهي ته وِڪرَم سَنبَت 1008 يعني سَنو 950ع ۾ چيٽي چَنڊَ تي سِنڌيُن جي اِشٽ ديوَ اُڏيري لعل جو جَنَمُ ٿيو هو. اِنَ ڪَري چيٽيِ چَنڊُ سِنڌيُن جي لاءِ ڪافي وَڏو ڏينهن آهي.

پراچيِن وَقتَ کان سِنڌيِ، سِنڌوُ نديءَ ذَريعي واپارُ ڪَندا آيا آهنِ. جَنهِن ڪَري سِنڌيِ هَميشَهه جَلَ جا پوُڄاري رهيا آهن. سِنڌيُن جي اِشٽ ديوتا اُڏيري لعل کي به وَرُڻُ ديوتا ڪري مَڃيو ويندو آهي.

چيٽيِ چَنڊَ جو ڏيِنهُن سِنڌيِ ڏاڍي ڌام ڌوُم سان مَلهائيِندا آهِنِ. اُن ڏينِهُن تي بَهراڻو ڪَڍيو ويندو آهي.

دُڪانَنِ ۽ گھرَنِ کي سَجائِبو آهي. سَڀنيِ هنڌَنِ تي سُکو ۽ سيسا جي وِرهائِڻَ جو بَندوبَستُ هوندو آهي. اُنَ ڏينِهن تي جُدا جُدا هنڌَنِ تي سِنڌيُن جا ڪَلچَرل پروگرامَ ٿيِندا آهن. هِن ڏيِنهن تي سِنڌيُن جو نَئون سالُ شُروع ٿيِندو آهي.

چيٽيِ چَنڊَ جو ڏيِنهُن سِنڌيُن جيِ ايڪِتا جو ڏيِنهُن آهي. اُنَ ڏينِهن کي اَڄ ڪَلهه هِندُستان ۾ ”سِنڌيَتَ“ جو ڏيِنهُن ڪَري مَلهايو ويندو آهي.

Learn Chetichand of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server