Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Bhagat

ڀَڳَتِ

” ڀَڳَتِ“ سِنڌي لوڪ ڪَلا جو هِڪُ اَهڙو نَموُنو آهي جيڪو گيِتُ، سَنگيِتُ، نِرتيه، ناٽَڪ جو گڏيَلُ روُپ آهي.

ڀَڳتِ جيِ شُروعاتِ ته ڪافيِ گھڻو وَقت اَڳه ٿيِ هُئيِ پَرَ ويهين صَديءَ جيِ شُروعاتِ ۾، سِنڌُ ۾ ڀَڳتِ ڪافيِ زورُ وَرتو. سِنڌُ ۾ جيڪيِ مَشَهورُ ڀَڳتَ ٿيِ گُذِرِيا آهن، اُنَهن ۾ مُکيه آهن: سَنتُ ڪَنوررام، ٺارو ڀَڳتُ، جاڙو ڀَڳتُ، پَرِسو ڀَڳتُ ۽ ليِلو ڀَڳتُ. اِنهن سَڀنيِ ڀَڳتَنِ جو سِرموُر هو ڀَڳتُ ڪَنوررام، جَنهِن سِنڌُ ۾ ڀَڳتِ کي زورُ وَٺايو ۽ ڀَڳتِ کي وِندُرَ سان گڏُ سِکِيا ۽ سَماج سُڌارَ جو ساڌَنُ بَڻايو.

ڀَڳتِ ۾ هِڪُ مُکيَه ڀَڳتُ هوُندو آهي. هِڪُ ٻه اُن جا ”ٻولَڙِيا“ يعني نَنڍا ڀَڳتَ هوُندا آهن. هارمونِيم، طبِلو، سارَنگيِ وَغيره وَڄائِڻَ وارا ساريِندَڙَ هوندا آهن. مُکيه يا وَڏو ڀَڳتُ ڪائيِ هِڪَ مَشَهوُر لوڪُ ڪَهاڻيِ ٻُڌائِڻُ شُروع ڪَندو آهي. ٻولَڙِيا کيس سُرُ وَٺائيندا آهن. ڳالهه جي وِچَ ۾، ڳالهه سان ٺَهڪَندَڙَ گيِتَ، ٽوٽِڪا هوندا آهن. وِچَ وِچَ ۾ راڳَه جيِ تُڪَ تي وَڏو ڀَڳتُ ۽ ٻولَڙِيا نَچَندا آهن.

ڀَڳتِ ڪَنهِن ڳوٺَ يا شَهرَ جي چونڪَ (بَزارِ جي وِچَ ۾) راتِ جو 9 بَجي کان اَسُرَ يا پِرڀاتِ تائيِن وِجهبيِ آهي. ڀَڳتِ هِندوُ مُسَلمان ٻِنهِين لاءِ سِنڌُ ۾ وِندَرَ ۽ سِکِيا جو وَڏو وَسيِلو هُئي. هاڻي هِندُستانَ ۾ ڀَڳتِ جو رَواجُ گَهٽِجيِ رَهيو آهي.

Learn Bhagat of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server