Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Bhagat Kanwarram

ڀَڳَتُ ڪَنوَرَرامُ

ڀَڳَتُ ڪَنوَرَرامُ هِڪُ مَشَهوُر ڀَڳتُ ۽ سَنتُ ٿيِ گُذِرِيو آهي. ڪَنوَرِرامَ جو جَنَمُ سَنِ 1885 ۾ سِنڌُ جي سَکَرَ ضِلع ۾، ميِرَپور ماٿيلي تعلقي جي ”جَرَوارَنِ“ ڳوٺَ ۾ ٿِيو هو. ڏَهَنِ سالنِ جيِ عمِرِ ۾ ئيِ، ڪَنوَرَ جي پِتا تاراچَندَ، ڪَنوَرَ کي رَهِڙِڪيِ دَرٻارِ جي سَنتَ سَتِرامداسَ کي سونپي ڏِنو. سَنتَ سَتِرامداسَ ئيِ ڪَنوَرَ کي ڀَڳتِ وِجَهڻُ جيِ سِکِيا ڏِنيِ. ڪَنوَرَ جي گَلي ۾ دَردُ ۽ ميٺاجُ هو. هوُ جِتي به ڀَڳتِ وِجَهندو هو اُتي آسِ پاسِ جي ڳوٺنِ جا هَزارين ماڻهو اَچي گَڏُ ٿيِندا هُئا. ڪَنوَررامُ ڀَڳتِ ڪَندي جهوليِ ڪَندو هو. سَندَسِ جهوليِءَ ۾ جيڪيِ ڪُجهُه پَوَندو هو اُن وَقتِ ئيِ بِنا ڪَنهِن ڀيدِ ڀاوَ جي غَريِبَنِ، مِسِڪيِنَنَ ۾ وِرِهائي ڇَڏيِندو هو. اَهِڙي سَنتَ سُڀاوَ ڪَري ئيِ کيسِ سَنتُ ڪَنوَرُرامُ ڪَري سَڏِيو ويندو هو.

2 نَوِمبَرِ 1939 تي، سَکَرَ جي ڀَرِسان ”رُڪَ“ اِسٽيشَنِ تي ڪَنهِن شَخصَ ڪَنوَرِرامَ کي گوليِ هَڻيِ ماري ڇَڏِيو ۽ اَهَڙيءَ ريِتِ ڀَڳَتُ ڪَنوَرُرامُ هَميشَهه لاءِ اَمَرُ ٿيِ وِيو.

Learn Bhagat Kanwarram of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server