Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Sindhu Mathri Je Sabhyata

سِنڌوُ ماٿريءَ جي سَڀيتا

سِنڌُ ۾ ڏوڪرِي ڳوٺ (ظلع لاڙڪاڻو) جي ويجهو هِڪُ وَڏو دَڙو مِليو آهي، جَنهِن کي ”موهَن جو دَڙو“ ٿو چَئجي. موهَن جي دَڙي جي کوٽائيِءَ مان پَنج هزار سالَن کان به وَڌيڪَ پراچيِن هِڪَ سڀيتا کي ”سِنڌوُ ماٿريءَ جي سڀيتا“ سَڏجي ٿو.

سِنڌوُ ماٿريءَ جي سڀيتا وَڏي اؤج تي پَهُتل هُئي. سَڄو شَهِر پَڪيُن سِرُن جو ٺَهيل هو. وَڏا ڪُشادا رَستا، هَوادار گَهرَ، گَندي پاڻيءَ جي نيڪالَ لاءِ ڍَڪِيل ناليون، وَغيره ڏِسي دُنِيا جا ماهِرَ هِن شَهِر جي سَڀيتا جيِ دِلِ کولي ساراهَه ٿا ڪَنِ.

هِنَ شَهِر جيِ سَڀيتا لوڪشاهيءَ جي سِرِشتي تي ٻَڌَلَ هُئي، جو هِتي سَڀُ گھَرَ لَڳه ڀَڳه ساڳيا آهن. هِتان جا ماڻهو شانتيِ پَسَند، پَڙهيَلَ ڳَڙهيَلَ ۽ آنَند وارو جيِونُ گُذاريندڙ هُئا. هِتي نَه ڪوئيِ مَحلاتُ يا قِلعو هو ۽ نَه وَريِ هِتان ڪي هَٿيارَ يا ٻيو ڪو لَڙائيءَ جو ساڌَنُ مِليو آهي.

هِتان پَنجَ سَو مُهرون مِليون آهن. جِن تي ڪُجُهه لکِيلُ آهي. جَنهن مان اِها ڳالهِه ثابت ٿئي ٿي ته هوُ پَڙهي لِکي ڄاڻندا هُئا پر مُهرن کي اڃان پُوريءَ طرح سان پڙهڻُ مُمِڪِن نه ٿي سگهيو آهي.

سِنڌيِ جاتيِ اَهڙي پِراچيِن سِنڌو ماٿريِءَ جي سَڀيتا جيِ وارث آهي.

Learn Sindhu Mathri Je Sabhyata of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server