Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Hemu Kalani

اَمَرُ شَهيدُ هيموُن ڪالاڻيِ

هيموُن ڪالاڻيِ سِنڌُ جو اُهو اِنقِلابيِ نَوجَوانُ هو، جيڪو اَرڙَهَن سالنَ جيِ نَنڍيِ عمرِ ۾ ڦاسيِءَ جي تَختي تي چَڙهيِ شَهيدُ ٿيِ وِيو.

هيموُن ڪالاڻيِءَ جو جَنَمُ 23 مارِچِ 1924 تي سِنڌِ جي سَکَرَ شَهِرَ ۾ ٿِيو هو. سَندَسِ پِتا جو نالو پيسومَلُ هو. هيموُن نَنڍي هوندي کان راندِين ۽ ڪَسِرَتَ جو شوقيِنُ هو. هو سُهِڻو، قَداوَرُ ۽ بَهادُرُ نَوجَوان هو.

سِنڌُ ۾ اَنگريزن جيِ حُڪوُمَتَ هُئي. 1942 ۾ هيموُن ۽ اُنَ جي ٽِنِ ساٿين باروُد ۽ هَٿِيارَنِ سان ڀَريلَ اَنگريزَ مِلٽريءَ جيِ هِڪَ ٽِرين کي، ريلَ جي پَٽنِ جون فِشِ پِليٽون ڪَڍي ڪيرائڻَ جيِ ڪوشِشِ ڪَئيِ پَرَ بَدِقِسمتيءَ سان پوليس اَوَلِ اُتي پَهُچيِ ويئيِ. هيموُنءَ جا ساٿيِ ڀَڄيِ وِيا مَگرِ هيموُن پَڪِڙِجيِ پِيو. هيموُنءَ کي پَنهِنجَن ساٿينُ جا نالا ٻُڌائڻ لاءِ جيلَ ۾ خوُب سَختِيون ۽ تَڪِليِفون ڏِنِيون وَيون مَگَرِ هِنَ بَهادُرُ نَوجَوانَ ڪَنهِن به ساٿيِءَ جو نالو ٻُڌائڻَ کان اِنڪارُ ڪَيو. آخِر مارشَل لا ڪورَٽ دُواران کيس ڦاسيءَ جيِ سَزا ڏِنيِ ويئيِ.

16 جَنوَري 1942 تي سِنڌُ جي سَکرَ ضلع ۾ هيموُنءَ کي ڦاسي ڏِني ويِئيِ. ’اِنقلاب زندَه باد‘ جا نعرا هَڻندي هيءُ نَوجَوان مُرڪَندي ڦاسيءَ جي تَخِتي تي چَڙهيِ شَهيدُ ٿيِ وِيو. سَڄيِ سِنڌيِ جاتيِءَ کي هيموُن ڪالاڻيءَ تي نازُ آهي.

Learn Hemu Kalani of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server