Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Poetry - Aandhi Me Jyot Jagain

'موتي' پرڪاش

آنڌيءَ ۾ جوتِ جَڳائڻ....

آنڌيءَ ۾ جوتِ جَڳائڻَ وارا سِنڌيِ،

۽ خاڪِ کي سونُ بَڻائڻَ وارا سِنڌيِ.

شاهَ، سَچَلَ، ساميءَ جي وَرثي وارا،

نَسَ نَسَ ۾ جِنِ جي وَهي ٿيِ سِنڌوُ ڌارا،

ٿيِ رَهَنِ مَليِرَ ۾ ماروُئڙا،

جھَرَ ۽ جھنگلَ ۾ جھانگيِئڙا،

بَرَپَٽَ کي باغُ بَڻائِڻَ وارا سِنڌيِ،

۽ خاڪِ کي سونُ بَڻائڻَ وارا سِنڌيِ.

پريم ڀاوَ ايڪي سان رَهَندا جَڳَ ۾،

مَحِنَتَ جو ڀاو ڀَريَل جِن جي رَڳ رَڳ ۾،

سَڀني سان پِريمُ وَڌائيندا،

ڪُجھُه ڏيِندا ۽ ڪُجھُه پائيِندا،

سَنسارَ ۾ پِريمُ وَڌائڻ وارا سِنڌيِ.

۽ خاڪِ کي سونُ بَڻائڻَ وارا سِنڌيِ.

بينگال ۾ رَهَندا ۽ سِکندا بينگاليِ،

ڪيرَل ۾ رَهَندا ۽ سِکندا مَلياليِ،

گُجِراتِ ۾ سِکندا گُجراتيِ،

تَه بِه اَمَرُ سَدا سِنڌيِ جاتيِ،

سِنڌيءَ سان نيهُن نِڀائِڻَ وارا سِنڌيِ.

۽ خاڪِ کي سونُ بَڻائِڻَ وارا سِنڌيِ.

موهَن جي دَڙي جِيان دَٻِجيِ اوُچا رَهندا،

طوُفان، زِلزِلا، سوُرَ ۽ سَختيوُن سَهَندا،

هيموُنءَ جيان ڦاسيِ کائيِندا،

ته به مُرڪي مُرڪي ڳائيِندا،

هي ڪُڏندي ڪَنڌُ ڪَپائِڻَ وارا سِنڌيِ.

۽ خاڪِ کي سونُ بَڻائِڻَ وارا سِنڌيِ.

Learn Poetry - Aandhi Me Jyot Jagain of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server