Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Poetry - Kavta - Prem Prakash

پريم پرڪاش

ڪوتا

اَگُھ

مان ئي هِڪ اَهڙي جِنس آهيان

ڪِريل، اَڃا ڪريل اَگُھ ئي

مِلي رهيو آهيان

توهين جِت چاهيو، جڏهن چاهيو

جيترو چاهيو ڳِنهي سگھو ٿا

ٿوريِ پيار ڀَري چالاڪيءَ سان

ڳِچيءَ ۾ نوڙي وِجھي

مفت ۾ ڪاهي وَڃي سَگھو ٿا

محنت سان ايماندار ٻه روٽيوُن ڪَمائڻ

ڪيڏو ڏکيو آهي!

Learn Poetry - Kavta - Prem Prakash of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server