Let's Learn Sindhi

FREE Mobile App also Available

Sindhi Quiz Online


Test your Sindhi Knowledge

Poetry - Kavta - Laxman Komal

لڇمڻ ’ڪومل‘

ڪوتا

جِسمَ جي ظُلم جو فَرياديِ

روُح ــ

جِسمَ جي ظُلم جو فَرياديِ آ.

پوءِ به مُنهِنجيُن اَکين ۾،

نِنڊ جو پاڇو به ناهي.

۽ آسمان ــ

ڌُنڌَ جو قَيديِ آهي.

سانت جا ڀوُت

تَلواروُن کَڻي،

قَطاروُن ڪري دِل ڏانهن وَڌي رَهيا آهن

ڌَڙِڪَڻ کَسَڻَ ــ ساهَه جو ڳاٽو ڀَڃَڻَ.

چَپَ لَڙڪي پيا آهن.

اَکيون کوپن مان ٻاهِر نِڪري آيون آهن.

هَٿَ ٿَڌا بَرفَ ٿي چُڪا آهن.

چُرڻ جي به طاقت ناهي.

ته پوءِ ــ

راتِ جي هِن اوُندهه ۾ پاڻ بچائي

ڪيڏانهن ڀِڄيِ سَگَھندُس؟

Learn Poetry - Kavta - Laxman Komal of Sindhi Language, Sindhi Boli, Sindhi Bhasha, سنڌي ٻولي, सिंधी भाषा,سنڌي سکو

 
© 2020-2021 Sindhi Sangat - AMD-UB20 Server